ايراني صدر واپس وطن روانو، ڪراچي جا بند ٿيل رستا کلي ويا

ڪراچي: ايراني صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي پاڪستان جو ٽن ڏينهن جو دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ وفد سميت واپس ايران روانو ٿي ويو آهي. ايئرپورٽ تي سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري ۽ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه معزز مهمان کي الوداع ڪيو. دوري دوران ايراني صدر صدر، وزيراعظم، آرمي چيف، سينيٽ چيئرمين، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر، سنڌ ۽ پنجاب جي وڏن وزيرن ۽ گورنرن سان ملاقاتون ڪيون. ايراني صدر جي دوري جي موقعي تي پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ واپار جو حجم 10 ارب ڊالرن تائين وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. سندس واپس روانگي سان گڏوگڏ ڪراچي جا روڊ رستا کوليا ويا آهن ۽ مختلف رستن تي رکسل ڪنٽينر به هٽايا ويا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔