وزيراعظم شهباز شريف ڪراچي پهچي ويو، قائداعظم جي مزار تي حاضري

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪراچي پهچي ويو جتي  هن قائداعظم جي مزار تي حاضري ڏني.

سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري ۽ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وزيراعظم جو استقبال ڪيو. وزيراعظم قائداعظم جي مزار تي حاضري دوران گلن جي چادر چاڙهڻ کان پوءِ فاتحه خواني ڪئي ۽ ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ دعا ڪئي.

وزيراعظم مختلف شعبن ۾ ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ نوجوانن سان قائداعظم جي مزار تي پاڪستان جي خدمت ڪرڻ ۽ ملڪ جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جو حلف ورتو.

ان موقعي تي نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين عهد ڪيو ته پاڪستان کي صحيح معنيٰ ۾ قائداعظم جو پاڪستان بنائينداسين. وزيراعظم ڪراچي ۾ ڪاروباري برادري جي مشهور شخصيتن ۽ ڪراچي چيمبر آف ڪامرس جي وفد سان به ملاقات ڪندو. اهڙين ملاقاتن ۾ وزيراعظم ڪاروباري برادري سان ملڪي معيشت جي بهتري جي حوالي سان تجويزون پڻ وٺندو.

قائداعظم جي مزار تي حاضري کان پوءِ سنڌ  جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي وزيراعظم سان گڏ وزيراعليٰ هائوس ۾ اجلاس ٿيو جنهن ۾ مراد علي شاهه وزيراعظم سان سنڌ ۽ وفاقي حڪومت جي وچ ۾ ترقياتي ڪمن ۽ ٻين مسئلن تي ڳالهيون ڪيون.

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وزيراعظم سان ڊائريڪٽ ڪٽوتين کان پوءِ فنڊز جي واپسي نه ٿيڻ تي به ڳالهيون ڪيون جنهن تي وزيراعظم مراد علي شاهه کي سمورا مسئلا گڏجي ويهي حل ڪرڻ جو يقين ڏياريو. وزيراعظم چيو ته اسان گڏجي عوام جي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪنداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔