مراد علي شاهه جي ايراني صدر سان ملاقات، پاڪ _ ايران اقتصادي موقعن تي ڳالهيون

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ايران جي صدر ابراهيم رئيسي سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان _ ايران اقتصادي موقعن تي تفصيلي گفتگو ڪئي وئي.

مراد علي شاهه ۽ ابراهيم رئيسي جي ملاقات دوران صوبائي وزير شرجيل ميمڻ، ناصر شاهه، سردار شاهه، سعيد غني، ڄام خان شورو ۽ ٻيا به موجود هئا

وڏي وزير جي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته ملاقات ۾ سيڙپڪاري جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، پاڪستان _ ايران اقتصادي موقعن تي به تفصيلي گفتگو ڪئي وئي.

ان کان اڳ ايراني صدر ڪراچي پهتو ته گورنر ڪامران ٽيسوري، وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ ٻين سندس آجيان ڪئي.

ڪامران ٽيسوري ايراني صدر کي ڊاڪٽريٽ جي اعزازي سند ڏني، ابراهيم رئيسي بهترين مهمان نوازي تي ٿورا مڃيا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔