9 مئي ڪيسز: شيخ رشيد جون بريت واريون درخواستون ٻڌڻي لاءِ منظور

راولپنڊي: 9 مئي واقعن تي داخل ڪيسن مان بريت جي لاءِ شيخ رشيد جون درخواستون عدالت ٻڌڻي جي لاءِ منظور ڪري ورتيون.

اڳوڻي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد طرفان 9 مئي سانحي جي واقعن تي 3 ٿاڻن ۾ داخل ڪيسن ۾ ثبوت پيش نه ٿيڻ جي آڌار تي درخواستون عدالت ٻڌڻي جي لاءِ منظور ڪندي جاچ ٽيمن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.

رپورٽ موجب شيخ رشيد احمد جي 9 مئي سانحي جي واقعن ۾ 3 ٿاڻن ڪينٽ، مورگاهه ۽ ٽيڪسلا ۾ داخل ڪيسن جي سلسلي ۾ اڄ پيشي هئي. ٽنهي ڪيسز ۾ اڳوڻو گهرو وزير، اڻپوريون شاهديون، اڻپورا ثبوت ۽ پنهنجي عدم موجودگي جي بنياد تي بري ڪرڻ جي لاءِ آئيني درخواستون داخل ڪيون جنهن کي عدالت ٻڌڻي جي لاءِ منظور ڪندي حڪومت کي 14 مئي تي دليلن جي لاءِ طلب ڪري ورتو آهي.

شيخ رشيد طرفان داخل درخواستن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته اڳوڻو گهرو وزير ساڳئي ڏينهن راولپنڊي ۾ موجود نه هو. کيس 9 مئي سانحي جي سلسلي ۾ ڪوڙن ڪيسن ۾ ملوث ڪيو ويو آهي  کيس اهڙن ڪيسن مان بري ڪيو وڃي.

جنهن کان پوءِ شيخ رشيد صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته اسان کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ملوث ڪيو ويو آهي اهو سياسي انتقام آهي، حڪومت مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪي آهي جيڪي پاڪستان ۾ ملوث نه هئا انهن کي به ملوث ڪيو ويو آهي. هن چيو ته اسان قانون جي دائري ۾  رهي اهي ڪيسز وڙهنداسين ۽ کٽينداسين.  شيخ رشيد چيو ته جيڪي بيگناهه قيد آهن انهن سڀني کي فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔