پاڪستاني نوجوان جي محبت ۾ گرفتار فلپائني ڇوڪري پاڪستان پهچي وئي

لاهور: پاڪستاني نوجوان جي محبت ۾ گرفتار 26 ورهين جي فلپائني ڇوڪري پاڪستان پهچي وئي جتي هن اسلام قبول ڪرڻ کان پوءِ  پاڪستاني  نوجوان سان شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي وئي.

لياقت پور جي ڏوراهين علائقي چڪ نمبر 43 جي رهواسي 31 ورهين جي محمد سلمان ۽ 26 ورهين جي فلپائني ڇوڪري چيري جي دوستي دبئي ۾ ٿي جيڪا محبت ۾ بدلجي وئي

ٻئي ڄڻا دبئي جي هڪ هوٽل ۾ گڏ ڪم ڪندا هئا سلمان ملڪ واپس آيو ته  فلپائني ڇوڪري به سند سپٺيان پاڪستان پهچي وئي 2 ڏينهن اڳ ٻنهي جو نڪاح لياقت پور جي  علائقي ۾ مئجسٽريٽ جي عدالت  ٿيو.

نجي ٽي وي جي رپورٽ موجب اسلام قبول ڪرڻ کان پوءِ ڇوڪريءَ جو نالو زينب رکيو ويو آهي. فلپائني ڇوڪري چيو ته سلمان سان منهنجي ملاقات دبئي ۾ ٿي هئي جتي اسان جي هڪ ٻئي سان محبت ٿي وئي اسان مڱڻي ڪئي هاڻ شادي ڪري ورتي آهي. هن چيو ته سلمان جا گهر ڀاتي تمام گهڻو پيار ڏيندڙ آهن. مان انهن جي تمام گهڻي ٿورائتي آهيان اهي منهنجي مٿان تمام گهڻو مهربان ۽ پيار ڪندڙ آهن.

پاڪستاني نوجوان جي محبت ۾ گرفتار فلپائني ناري پاڪستان پهچي شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي وئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔