آءِ ايم ايف جي قسط هن هفتي جي آخر تائين جاري ٿي ويندي: محمد اورنگزيب

اسلام آباد:  ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته آءِ ايم ايف سان ڊگهي مدي جو پروگرام ضروري آهي، توانائي جي شعبي ۾ اصلاحات ۽ ٽيڪس جي شرح ۾ اضافو ضروري آهي.

اسلام آباد بزنس سمت 2024 ۾ ترقي جي لاءِ تعاون جي موضوع تي خطاب ڪندي محمد اورنگزيب چيو ته ملڪي معيشت ۾ ٽيڪس جو حصو 9 سيڪڙو آهي جيڪو خطي ۾ سڀني کان گهٽ آهي، توانائي جي نقصانن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ سنجيده ڪوششون ڪرڻيون پونديون

هن چيو ته هن هفتي جي آخر ۾ آءِ ايم ايف طرفان آخري قسط جاري ٿي ويندي. اسٽاڪ مارڪيٽ به تاريخ جي بلند ترين سطح تي آهي. جون تائين ملڪي ناڻي جا ذخيرا 10 ارب ڊالرن تائين پهچي ويندا. محمد اورنگزيب ٻڌايو ته آءِ ايم ايف قرض پروگرام ۾ هجون ته ڪوبه پلان بي نه هوندو آهي. اسان معيشت کي مستحڪم ڪرڻ چاهيون ٿا.

وفاقي وزير چيو ته حڪومت جو ڪم ڪاوربار ڪرڻ نه هوندو آهي. انهي جي ڪري سمورين وزارتن کي چيو ته سرڪاري ادارن کي نجڪاري طرف کڻي وڃو، اسان نجڪاري کي تيز ڪرڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته هلندڙ مالي سال ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 74 سيڪڙو گهٽ ٿي 1.0 بلين ڊالر رهجي ويو. ماڻهن کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ لاءِ صوبن جي مشاورت سان هلڻو پوندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔