اسٽاڪ ايڪسچينج، انڊيڪس 71 هزار جي حد پار

ڪراچي؛پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ 100 انڊيڪس 71 هزار جي حد عبور ڪري ويو.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس 557 پوائنٽن جي واڌ سان 71 هزار 467 تي پهچي ويو.گذريل ڪاروباري هفتي جي آخر ۾ انڊيڪس 70,909 پوائنٽس تي بند ٿيو.ٻئي طرف اڄ ڪاروبار جي شروعات تي انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 4 پئسا مهانگو ٿي ويو آهي.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 4 پئسا اضافي کانپوءِ 278 رپيا 35 پئسا ٿي ويو.گذريل ڪاروباري هفتي جي آخر ۾ انٽربينڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 31 پيسا تي هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔