جعلي حڪومت کي هلڻ نه ڏينداسين: مولانا فضل الرحمان

پشين: جمعيت علماءَ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته 2024ع وارين چونڊن ۾ 2018ع کان وڏي ڌانڌلي ٿي، جعلي حڪومت کي هلڻ نه ڏينداسين.

پشين ۾ جلسي کي خطاب ڪندي جي يو آءِ سربراهه جو چوڻ هو ته اسان 2018ع جي ڌانڌلي خلاف تحريڪ هلائي، 2024ع ۾ وري 2018ع کان به وڏي ڌانڌلي ٿي آهي، ٻڌايو وڃي ته بلوچستان جي اسيمبلي ڪيتري ۾ خريد ڪئي وئي؟ ڌانڌلي خلاف پهريان جتي هئاسين اڄ به اتي آهيون

هن چيو ته بلوچستان جي سرزمين مان هڪ تحريڪ اُٿي آهي، جيڪا سموري ملڪ ۾پکڙي ويندي، اسان ان تحريڪ ۾ جعلي حڪومت کي هلڻ نه ڏينداسين، تحريڪ کي هاڻي ڪو به روڪي نٿو سگهي، جيڪڏهن آئين جي ڀڃڪڙي ڪندئو ته اسان جبل جيان کڙا ٿي بيهنداسين.

مولانا فضل الرحمان چيو ته هي وقت پاڻ ۾ وڙهڻ جو ناهي، سياستدانن کي سدائين استعمال ڪيو ويو، ڪالهه سيٽ نه هئي ته ڌانڌلي ٿي، اڄ سيٽ ملي وئي ته ڌانڌلي ناهي! سياستدان کي سيٽن تي نه وڙهڻ گهرجي، بلوچستان جو عوام 8 فيبروري جي نتيجن کي نٿي مڃي.

جي يو آءِ سربراهه جو چوڻ هو ته پاڪستان اسلام لاءِ ٺهيو پر اسلام نظر نٿو اچي، ملڪ کي سيڪيولر اسٽيٽ طرف ڌڪيو پيو وڃي، ملڪ کي غير محفوظ ڪيو پيو وڃي، معيشت ڪاڏي پئي وڃي، چونڊن جي نالي تي حڪومت عوام جي، پر عوام کي غلام بڻايو ويندو آهي، پاڪستان کي ڪجهه شين کي ايجنڊي تحت آندو ويندو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔