چيف جسٽس، سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪرائڻ واري مدي ۾ تبديليءَ جو اشارو ڏئي ڇڏيو

چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪرائڻ واري مدي ۾ تبديليءَ جو اشارو ڏئي ڇڏيو، سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ پلاٽ جي تڪرار بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس سينيئر وڪيلن کان راءِ طلب ڪري ورتي

 چيف جسٽس چيو ته هاءِ ڪورٽ جي فيصلن خلاف اپيلون داخل ڪرائڻ جو مدو ڪيترو هئڻ گهرجي؟ وڪيلن چيو ته اپيلن جي مدي بابت سپريم ڪورٽ جي 5 رڪني بينچ جو فيصلو موجود آهي، وڪيل فروغ نسيم چيو ته 5 رڪني بينچ جو فيصلو محدود آهي، توهان کي ٻيهر غور ڪرڻو پوندو

 ايڊوڪيٽ فيصل صديقي چيو ته توهان جي دور ۾ ڪيترائي منفرد فيصلا ٿيا آهن، هن معاملي تي به يونيڪ فيصلو ٿي سگهي ٿو، چيف جسٽس خوشگوار موڊ ۾ رمارڪس ڏيندي چيو ته يونيڪ فيصلو سٺو به ٿي سگهي ٿو ۽ خراب به ٿي سگهي ٿو

 چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ عهدي جو حلف کڻڻ جي 7 مهينن بعد پهريون ڀيرو ڪراچي رجسٽري پهتو، چيف جسٽس جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ اڄ کان جمعي تائين 48 ڪيسز جي ٻڌڻي هلائيندي

 ڪاز لسٽ جاري، 3 رڪني بينچ ۾ جسٽس جمال مندوخيل ۽ جسٽس نعيم اختر افغان به شامل آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔