پاڪستاني اداڪارا هانيا عامر ذهني مسئلن جو شڪار

ڪراچي؛ ساٿي فنڪارن جي ڏک درد ۾ هر وقت شريڪ ٿيندڙ ۽ انهن جو خيال رکندڙ پاڪستاني شوبز انڊسٽري سان واڳيل اداڪارا هانيا عامر انڪشاف ڪيو آيه ته هو اڄ ڪلهه لنڊن ۾ ذهني دٻاءُ مان گذري رهي آهي.

رپورٽس وجب فوٽو اينڊ وڊيو شيرنگ ايپ انسٽاگرام تي اداڪارا ڊگهي پوسٽ شيئر ڪندي ذنهي دباءٌ کي حقيقي ۽ وڏو مسئلو قرار ڏنو آهي ۽ چيو آهي ته ان مسئلي ۾ ڪنهن جي مدد وٺڻ ۾ ڪوبه شرم ناهي. هانيا عامر رمضان جي آخري عشري کان لنڊن ۾ موجود آهي جڏهن ته هاڻي هن هڪ تصوير شيئر ڪندي ٻڌايو آهي ته ذهني دٻاءُ جو شڪار آهي.

هن لکيو ته هر گذرندڙ ڏينهن پهريون کان مختلف هوندو آهي جڏهن ڏاڍو سٺو ته ڪڏهن ڏاڍو خراب هوندو آهي، ڪجهه عرصي کان طبيعت به ٺيڪ ناهي.

اداڪارا لکيو ته کيس ڊب ميش ٺاهڻ کان وٺي ماڻهو جڙيل آهن جن کان ڪجهه به ناهي لڪايو. هوءَ هر لمحي بابت مداحن کي ٻڌائيندي آهي جڏهن ته هاڻي کيس لڳي ٿو هوءَ مداحن سان ايماندار ناهي. اداڪارا لکيو ته فڪر جي ضروت ناهي ۽ پنهنجي ذهني صحت بابت لڪائڻ نه گهرجي. گهڻا ماڻهو اڄ ڪلهه ذهني بيماريءَ جو شڪار آهن ته کين مدد وٺن ۾ نه ڪيٻائڻ گهرجي. کڻي اها دوست جي مدد هجي يا ڪا پروفيشل هيلپ. جڏهن محسوس ٿئي ته ايندڙ وقت ۾ رڳو اونداهي آهي ته ان وقت مدد وٺڻ گهرجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔