شين جي درآمد ۽ برآمد تي پابندي هٽائڻ جي لاءِ ڪميٽي قائم

اسلام آباد: پابندي مڙهيل شين جي درآمد ۽ برآمد تي پابندي هٽائڻ لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي.واپار واري وزارت جي ذريعن موجب نئين وفاقي حڪومت واپار واري وزير جي سربراهي ۾ 3 رڪني ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي، جنهن جي ميمبرن ۾ قانون ۽ انصاف وارو وزير ۽ صنعت ۽ پيداوار وارو وفاقي وزير شامل آهي.ڪميٽي ممنوع شين جي درآمد ۽ برآمد جي اجازت بابت ڪيسن تي غور ڪندي، ڪميٽي هڪ ڀيرو جي بنياد تي درآمد ۽ برآمد تي پابندي هٽائڻ بابت ڪيسن تي غور ڪندي.ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪميٽي امپورٽ اينڊ ايڪسپورٽ پاليسي آرڊر 2022 تحت ڪيسن جي جاچ ڪندي ۽ ڪميٽي ٽريڊ آرگنائيزيشن ايڪٽ 2013 جي سيڪشن 21 تحت اپيلن جي ٻڌڻي ڪندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔