پاڪستان جو دورو، نيوزيلينڊ جي اسڪواڊ جو اعلان

ميلبورين : نيوزيلينڊ پاڪستان خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.اهم رانديگرن جي غير حاضري سبب مائيڪل بريس ويل کي پهريون ڀيرو ڪيوي ٽيم جو ڪپتان مقرر ڪيو ويو آهي.بريسويل کان علاوه فن ايلن، مارڪ چيپمين ۽ جوش ڪلارڪسن پاڪستان جي دوري لاءِ اسڪواڊ ۾ شامل آهن، جمي نيشام، ٽم سيفرٽ ۽ ايش سوڌي به ڪيويز ٽيم جو حصو هوندا.نيوزيلينڊ جا 9 رانديگر آءِ پي ايل ۽ هڪ ڪائونٽي سبب غير حاضر آهن. ٽرينٽ بولٽ، ڊيون ڪنوي، لاڪي فرگوسن، ميٽ هينري ۽ ڊيرل مچل آءِ پي ايل ۾ مصروف آهن.نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ موجب گلين فلپس، رچن رونڊرا، ڪين وليمسن ۽ مچل سينٽنر به آءِ پي ايل، ول ينگ ڪائونٽي ۾ کيڏي رهيا آهن جڏهن ته ٽام ليٿم گهريلو وابستگين سبب غير حاضر آهي، ٽم سائوٿي کي ورڪ لوڊ مينيجمينٽ تحت پاڪستان جي دوري کان ٻاهر ڪيو ويو آهي. باقي ڏنو ويو آهي.پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ 5 ميچن تي ٻڌل ٽي ٽوئنٽي سيريز 18 اپريل کان شروع ٿيندي، نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم 12 اپريل تي پاڪستان رواني ٿيندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔