سينيٽ جي 30 سيٽن تي پولنگ جو عمل جاري، خيبرپختونخواهه ۾ چونڊون ملتوي

اسلام آباد:سينيٽ جي 30 سيٽن تي چونڊن جي لاءِ پولنگ جو عمل جاري آهي جيڪو شام 4 وڳي تائين جاري رهندو. جڏهن ته خيبرپختونخواهه ۾ اپوزيشن ميمبرن جي درخواست تي سينيٽ چونڊون ملتوي ڪيون ويون آهن.

سينيٽ چونڊن جي پولنگ لاءِ قومي اسيمبلي جو هال پولنگ اسٽيشن ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. جتي اليڪشن ڪميشن جو عملو پنهنجا فرض انجام ڏئي رهيو آهي

سينيٽ چونڊن ۾ 16 اميدوار بنا مقابلي چونڊجي چڪا آهن ۽ اڄ 59 اميدوار آمهون سامهون آهن. سينيٽ جي 29 جنرل، 8 عورتن، 9 نيڪٽو ڪريٽ يا علماءِ ۽ 2 غير مسلم جي سيٽن تي چونڊ ٿيندي.

وفاقي راڄڌاني جي هڪ جنرل ۽ هڪ نيڪٽو ڪريٽ سيٽ تي پنجاب جي 2 عورتن، 2 نيڪٽو ڪريٽ يا عالمن جي هڪ غير مسلم سيٽ تي چونڊ ٿيندي.

اهڙي طرح سنڌ جي 7 جنرل، 2 عورتن، 2 نيڪٽو ڪريٽ يا علماءِ، هڪ غير مسلم سيٽ تي چونڊ ٿيندي. پنجاب جي 7 جنرل سيٽن، جڏهن ته بلوچستان جي سمورين 7 جنرل سيٽن، 2 عورتن ۽ 2 نيڪٽو ڪريٽ يا عالمن جي سيٽن تي اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿي چڪا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔