عاليه رياض وقار يونس جي ننڍي ڀاءُ سان مڱڻي ڪري ڇڏي

واهه ڪينٽ : پاڪستان وومين ڪرڪيٽ ٽيم جي آل رائونڊر عاليه رياض ۽ مبصر علي يونس مڱڻي ڪري ورتي.ٻنهي جي مڱڻي جي تقريب واهه ڪينٽ ۾ ٿي، جنهن ۾ ويجهن مائٽن ۽ دوستن شرڪت ڪئي.مبصر علي يونس اڳوڻي ڪپتان وقار يونس جو ننڍو ڀاءُ آهي.عاليا رياض 62 ون ڊي ۽ 83 ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪري چڪي آهي.هن ون ڊي ميچن ۾ 1209 رنسون ۽ 10 وڪيٽون ورتيون آهن جڏهن ته ٽي 20 ميچن ۾ 938 رنسون اسڪور ڪيون آهن ۽ 20 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔