بابر اعظم کي ٻيهر ڪپتاني ڏيڻ جو فيصلو

لاهور : پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي نئين انتظاميا ڪپتان تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.ذريعن موجب 29 ورهين جي بابر اعظم کي ٻيهر ڪپتاني ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ شاهين آفريدي بورڊ جي فيصلي تي غور ڪندي قيادت ڇڏڻ جو سوچي رهيو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته شاهين آفريدي جي ويجهن ذريعن کيس قيادت ڇڏڻ کان منع ڪري ڇڏيو آهي.ذريعن موجب سليڪشن ڪميٽي چيئرمين پي سي بي محسن نقوي کي بابر اعظم کي ڪپتان بڻائڻ جي تجويز ڏني ۽ هاڻي بابر اعظم نيوزيلينڊ خلاف 5 ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ قيادت سنڀاليندو.ذريعن موجب بابر اعظم ڪاڪول ۾ ٽريننگ ڪيمپ ۾ ڪپتان طور شرڪت ڪندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔