ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف غيرمعمولي حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي: آءِ جي سنڌ

ڪراچي: آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو آهي ته ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف غيرمعمولي حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي.

آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ڪچي ۾ آپريشنز جي جائزي لاءِ اجلاس دوران ڳالهائيندي چيو ته ڌاڙيلن خلاف هاڻ سخت ايڪشن ٿيندو.

جڏهن ته اجلاس ۾ سکر، گهوٽڪي، شڪارپور ۽ ڪشمور ائٽ ڪنڌڪوٽ جي ايس ايس پيز پاران وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي وئي.

آءِ جي سنڌ چيو ته ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف ڪارروائين ۽ مغوين جي بازيابي لاءِ سي پي ايل سي جي مدد کي ممڪن بڻايو وڃي.

هن چيو ته ڪچي ۾ مقرر پوليس اهلڪارن کي ماهوار 10 هزار روپيا الائونس ڏيڻ لاءِ قدم کنيا ويا آهن.

هن چيو ته ڌاڙيلن پاران عورتاڻي آواز ۾ هرکائي ۽ لالچ ڏئي شهرين کي اغوا ڪرڻ وڏو چئلينج آهي، ڌاڙيل ۽ سندن سهولتڪارن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔