وزيراعظم گڏيل مفادن واري ڪائونسل جوڙي ڇڏي

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف گڏيل مفادن واري ڪائونسل جوڙي ڇڏي، تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پرڏيهي وزير کي به سي سي آءِ ۾ شامل ڪيو ويو.

ناڻي وارو وزير سي سي آءِ جو ميمبر نه هوندو، وزيراعظم جي منظوري کانپوءِ سي سي آءِ جي جوڙجڪ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو.

سي سي آءِ جو چيئرمين وزيراعظم شهباز شريف هوندو، چارئي وڏا وزير ميمبر طور سي سي آءِ ۾ شامل آهن.

پرڏيهي وزير اسحاق ڊار به ميمبر طور گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ شامل ٿي ويو، دفاع وارو وزير خواجه محمد آصف ۽ سيفران جو وزير انجنيئر امير مقام به ميمبر طور سي سي آءِ ۾ شامل آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔