پاڪستان جي مهمانن تي بُري نظر وجهندڙ هر دهشتگرد جي خاتمي تائين وڙهنداسين: آرمي چيف جنرل عاصم منير

اسلام آباد: آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته پاڪستان، ان جي عوام ۽ ان جي مهمانن تي بري نظر وجهندڙ هر دهشتگرد جي خاتمي تائين وڙهنداسين

گذريل ڏينهن شانگلا ۾ پيش آيل دهشتگرد واقعي کي ڏسندي اڄ وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي سيڪيورٽي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ آرمي چيف به شرڪت ڪئي

اجلاس ۾ سرحدن جي پار دهشتگردن لاءِ موجود پناهگاهن تي سخت خدشن جو اظهار ڪيو ويو، جڏهن ته شرڪت ڪندڙن دهشتگردي کي منهن ڏيڻ لاءِ علائقائي نقطه نظر جي ضرورت تي زور ڏنو

اجلاس ۾ آرمي چيف ملڪ مان دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي لاءِ هٿياربند فوجن جي عزم جو اظهار ڪيو، هن چيو ته قوم گذريل ٻن ڏهاڪن ۾ ثابت قدمي سان دهشتگردي خلاف جنگ وڙهي آهي

سندس چوڻ هو ته قوم پاڪستان خلاف ناڪام عزمن کي ناڪام بڻايو آهي، اسان آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين جنگ وڙهنداسين

آرمي چيف چيو ته پاڪستان، ان جي عوام ۽ ان جي مهمانن تي بري نظر وجهندڙ هر دهشتگرد جي خاتمي تائين وڙهنداسين، دشمنن هڪ ڀيرو ٻيهر رياست ۽ عوام جي ثابت قدمي ۽ حوصلي کي گهٽ سمجهيو آهي، اسان پنهنجي ڀرپور طاقت سان آخري دم تائين دهشتگردي جو مقابلو ڪنداسين

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔