سنڌ جي هفت زبان شاعر سچل سرمست جي 203 عرس مبارڪ جي تقريبن جو افتتاح

راڻيپور:سنڌ جي عظيم صوفي بزرگ حافظ عبدالوھاب فاروقي المعروف حضرت سچل سرمست جي 203 عرس مبارڪ جي سرڪاري تقريبن جو افتتاح اوقاف کاتي جي صوبائي وزير سيد ذوالفقار شاهه درازا شريف پهچي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙھي ڪيو ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اوقاف کاتي جي صوبائي وزير سيد ذوالفقار شاهه چيو ته سنڌ ۾ نگران حڪومت جي دور ۾ بدامني ۾ اضافو ٿيو سنڌ حڪومت بدامني خلاف ايڪشن کڻي رهي آهي ڪشمور ۽ ٻين ضلعن ۾ پوليس رينجرز سان گڏ آپريشن ڪري رهي آهي بدامني ۾ جيڪو به ملوث هوندو ان خلاف قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي. هن چيو ته پريا ڪماري اسان جي نياڻي آهي جنهن جي بازيابي لاءِ سنڌ حڪومت اثرائتي ڪارروائي ڪري رهي آهي تمام جلد پريا ڪماري کي بازياب ڪرايو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔