عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جا پروڊڪشن آرڊر جاري، 4 اپريل تي عدالت طلب

اسلام آباد: عدالت پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ ان جي گهر واري بشريٰ بي بي کي 4 اپريل تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو.

ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ باني چيئرمين ۽ بشريٰ بي بي کي عدالت ۾ پيشي واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ عدالت ضمانت جي درخواستن ۾ اڳوڻي وزيراعظم ۽ پي ٽي آءِ باني چيئرمين عمران خان ۽ ان جي گهر واري بشريٰ بي بي جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪري ڇڏيا

ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج طاهر عباس سپرا عمران خان جي وڪيلن طرفان عدالت ۾ پيشي جي لاءِ پروڊڪشن آرڊر جي درخواستن تي بڌڻي ڪئي. جنهن ۾ پي ٽي آءِ جي باني چيئرمين طرفان وڪيل خالد يوسف چوڌري عدالت ۾ پيش ٿيو.

ٻڌڻي دوران عدالت اڊيالا جيل جي سپرنٽينڊنٽ کي حڪم ڏنو ته عمران خان ۽ بشريٰ بي بي کي 4 اپريل تي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو. ياد رهي ته عدالت گذريل  ٻڌڻي تي وڊيو لنڪ ذريعي حاضري لڳرائڻ جو حڪم ڏنو هو. پر جيل اختيارين طرفان اڄ به پي ٽي آءِ باني جي وڊيو لنڪ تي حاضري نه لڳرائي وئي. گذريل ٻڌڻي تي وڊيو لنڪ جي ذريعي حاضري نه لڳرائڻ تي عدالت طرفان نوٽيس جاري ڪيو ويو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔