پاڪستان افغانستان جي ڀارت سان واپاري راهداري بند ڪري سگهي ٿو: خواجه آصف

اسلام آباد: بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته پاڪستان افغانستان جي ڀارت سان واپاري راهداري بند ڪري سگهي ٿو.

پرڏيهي خابرو اداري سان گفتگو ڪندي خواجه آصف چيو ته پاڪستان افغانستان سان هٿياربند ڇڪتاڻ نٿو چاهي، طاقت آخري رستو آهي

هن چيو ته پاڪستان افغانستان جي ڀارت سان واپاري راهداري بند ڪري سگهي ٿو، افغانستان پنهنجي سرزمين تي اڪستان مخالف دهشتگردن کي روڪڻ ۾ ناڪام رهيو ته راهداري بند ڪري سگهون ٿا، جيڪڏهن افغانستان اسان سان

سندس چوڻ هو پيغام موڪلڻ جي ضرورت آهي ته سرحد پار دهشتگردي وڌي وئي آهي، پاڪستان ڪابل ۾ ڊي فيڪٽو حڪمرانن کي اهو پيغام ڏيڻ چاهي ٿو ته اسان معاملا ائين جاري نٿا رکي سگهون.

خواجه آصف موجب فيبروري 2023ع ۾ ڪابل جي دوري ۾ طالبان وزيرن کي چيو هو ته اهي ٽي ٽي پي ماضي جي ٿورن سبب ڪابل جا هٿ نه ٻڌن، جيڪڏهن توهان ٽي ٽي پي جا ٿورائتا آهيو ته انهن تي قابو رکو، پي ٽي پي کي اسان سان جنگ شروع ڪرڻ نه ڏيو، توهان انهن جا اتحادي نه بڻجو.

هن چيو اميد ته افغانستان ٽي ٽي پي کي قابو ۾ رکڻ جو ”واحد مطالبو“ پورو ڪندو ۽ مستقبل ۾ پاڪستان مان فوجي ڪارروائي جي ضرورت کي روڪيندو.

بچاءَ واري وزير چيو ته جيڪڏهن اهي اسان کي نقصان پهچائي سگهن ٿا ته اسان به جوابي ڪارروائي تي مجبور ٿينداسين، اهو ضروري ناهي ته دنيا اسان جي تعريف ڪري، جيڪو اسان جي مفاد ۾ آهي اهو ئي اسان لاءِ ڪافي آهي، اسان پنهنجي مفاد جو تحفظ ڪري رهيا آهيون پوءِ ڀلي ڪير ان کي ساراهي يا نه.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔