سنڌ ڪابينا پاران صوبي ۾ هاري ڪارڊ شروع ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي :سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ وزيراعليٰ هائوس ۾ ڪابينا جو اجلاس ٿيو اجلاس ۾ صوبائي وزير، چيف سيڪريٽري، پرنسپل سيڪريٽري، چيئرمين پي اينڊ ڊي، ناڻي وارو سيڪريٽري ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ترجمان موجب ڊپارٽمينٽ آف امپاورمينٽ آف ڊفرلي ايبلڊ پرسنز ڪابينا کان درخواست ڪئي ته جي ايس اڪيڊمي فار ڊيف کي گرانٽ ڏني وڃي.بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته جي ايس اڪيڊمي ۾ هن وقت 152 ٻڌڻ کان محروم ٻار تعليم ۽ تربيت حاصل ڪري رهيا آهن، وڏي وزير ڪابينا جي مشاورت سان جي ايس اڪيڊمي کي 5.027 ملين رپين جي گرانٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ٽرانسپورٽ واري وزير شرجيل ميمڻ پاران ڪابينا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته سنڌ حڪومت آڪٽوبر 2021ع ۾ انٽر ڊسٽرڪٽ پيپلز بس سروس پروجيڪٽ شروع ڪيو هو سنڌ حڪومت بسون خريد ڪرڻ ۽ هلائڻ لاءِ اين آر ٽي سي سان 12 سالن جي (2021 کان 2033) جي معاهدي تي صحيحون ڪيون آهن هن وقت 230 بسون هلي رهيون آهن ۽ 20 وڌيڪ بسون شروع ڪيون وينديون وڌيڪ 40 بسون خريد ڪيون وينديون، ٽرانسپورٽ واري وزير ڪابينا کي آگاهي ڏني،270 بسون تمام جلد هلڻ شروع ڪيون وينديون، ڪابينا کي آگاهي ڏني وئي، 250 بسون 6.522 بلين رپين ۾ ۽ 40 بسون 995 ملين رپين ۾ خريد ڪيون ويون آهن. اپريل 2023ع کان فيبروري 2024ع تائين حڪومت 968 ملين رپين جي سبسڊي ڏني آهي.سنڌ ڪابينا جنوري کان جون 2024ع تائين انٽر ڊسٽرڪٽ پيپلز بس سروس لاءِ 521 ملين رپين جي خرچ جي منظوري ڏئي ڇڏي. سنڌ ڪابينا سڄي صوبي ۾ هاري ڪارڊ شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو، سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته هاري ڪارڊ رڳو هارين کي جاري ڪيا ويندا، انهن هارين کي به نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو جن وٽ 12 ايڪڙ زمين آهي ۽ اهي پاڻ پوکي رهيا آهن،ايندڙ 6 مهينن ۾ سڄي سنڌ ۾ هاري ڪارڊ جاري ڪيا ويندا ڪڻڪ جي خريداري ۾ هاري ڪارڊ هولڊرن کي ترجيح ڏني ويندي،قدرتي آفت جي صورت ۾ هارين جي مدد ڪسان ڪارڊ ذريعي ڪئي ويندي،اڄ ڪابينا اجلاس ۾ ڪسان ڪارڊ جاري ڪرڻ جي حوالي سان غور ويچار ڪيو ويو،چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري هدايت ڪئي آهي ته هاري ڪارڊ شروع ڪيو وڃي،زراعت جي ترقي لاءِ سائنسي بنيادن تي قدم کنيا ويندا،چيئرمين بلاول ڀٽو جي هدايت تي ايندڙ بجيٽ ۾ هر ضلعي جي ترقي لاءِ قدم کنيا ويندا،سنڌ جي وڏي وزير چيف سيڪريٽري کي ڪسان ڪارڊ شروع ڪرڻ لاءِ پاليسي ٺاهڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، چيف سيڪريٽري زراعت کاتي، خوراڪ کاتي، آبپاشي کاتي ۽ روينيو کاتي سان گڏجاڻيون ڪري هاري ڪارڊ شروع ڪرڻ سفارشون ڏيندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔