پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ اسٽاف ليول معاهدو طئي ٿي ويو

اسلام آباد: پاڪستان ۽ عالمي مالياتي اداري(آءِ ايم ايف) وچ ۾ اقتصادي جائزه ڳالهيون ڪامياب ٿي ويون آهن.

ڳالهين بابت جاري ڪيل پڌرائي موجب پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف جو اسٽاف ليول معاهدو طئي ٿي ويو آهي. معاهدي کان پوءِ پاڪستان کي آءِ ايم ايف کان ڪي ايگزيڪٽو بورڊ جي منظوري سان ايندڙ مهيني 1.1 ارب ڊالر جي قسط ملندي. آخري قسط ملندي ئي 3 ارب ڊالر جو اسٽينڊ باءِ ارينجمينٽ ختم ٿي ويندو.

پڌرائي موجب قرض پروگرام جي لاءِ  باقاعده ڳالهيون ايندڙ مهيني شروع ٿينديون جنهن جي لاءِ ايف بي آر خصوصي روينيو پلان تيار ڪري ورتو آهي.

ذريعن موجب جون ۾ نئين بجيٽ سان گڏ اهم ترين ٽيڪس قدم کڻڻ جون تياريون به شروع ڪيون ويون آهن. فنانس بل جي ذريعي 9 لک دڪاندارن کي فڪس ٽيڪس ۾ آڻڻ جي به منصوبه بندي ڪئي وئي آهي.

پهرين مرحلي ۾ اسلام آباد ۽ چئني صوبائي گادي وارن شهرن جي دڪاندارن کي اسڪيم ڏني ويندي. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي خرچن جو به نئون طريقو بنايو ويندو. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جا خرچ وفاق ۽ صوبا ملي برداشت ڪندا. موسمياتي تبديلين جي تباهي کان پوءِ بحالي جي خرچن جي به نئين حڪمت عملي تيار ٿيندي. ٻوڏ سبب متاثر ضلعن جي نئين سر تعمير به وفاق ۽ صوبا ملي ڪندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔