اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جو آپريشن، 2 دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي: اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن ۾ 2 دهشتگرد مارجي ويا.

آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز اتر وزيرستان ۾ انٽيليجنس بنياد تي آپريشن ڪيو، جنهن دوران سخت فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، جنهن ۾ 2 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 2 زخمي ٿي پيا.

بيان ۾ ٻڌايو ويو ته مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان هٿيار، گولا، بارود ۽ ڌماڪيدار مواد برآمد ٿيو، اهي علائقي ۾ دهشتگرد ڪارروائين ۾ ملوث هئا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔