اسلام آباد يونائٽيڊ ٽيھر پي ايس ايل جي چيمپئن: فائنل ۾ زبردست مقابلي بعد ملتان سلطانز کي شڪست

ڪراچي : پاڪستان سپر ليگ سيزن 9  جو تاج اسلام آباد يونائٽيڊ جي سر تي سينگارجي ويو. فائنل ۾ دلچسپ مقابلي بعد ملتان سلطانز کي هڪ وڪيٽ تان شڪست ملي وئي. ڪراچي ۾ کيڏيل پاڪستان سپر ليگ جي فائنل ميچ ۾  اسلام آباد يونائٽيڊ جي ٽيم ڪاميابي ماڻي لاڳيتو ٽيون ڀيرو پاڪستان سپر ليگ جو چيمپئن بڻجڻ جو اعزاز ماڻي ورتو.  فائنل ميچ ۾ ملتان سلطانز جي ٽيم ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. ملتان سلطانز 20 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 159 رنز اسڪور ڪيو. ملتان پاران عثمان خان 57 رنز ٺاهي نمايان رهيو جڏهن ته ڪپتان محمد رضوان 26 رنز اسڪور ڪيو. ان کان سواءِ افتخار احمد 32 رنز ناٽ آئوٽ جي شاندار اننگز کيڏي. هن 20 بالن تي 3 ڇڪا ۽ 3 چوڪا هنيا. اسلام آباد يونائٽيڊ جي عماد وسيم شاندار  بالنگ جو مظاهرو ڪندي 23 رنز عيوض پنج وڪيٽون حاصل ڪيون.  جواب ۾ اسلام آباد يونائٽيڊ جي ٽيم ٽارگيٽ  8 وڪيٽن جي نقصان تي آخري بال تي هڪڙي رنز وٺي پورو ڪري ورتو. اسلام آباد پاران مارٽن گپٽل 50 رنز اسڪور ڪيو. جڏهن ته وڪيٽ ڪيپر اعظم خان 30 رنز جي تيز اننگز کيڏي. عماد وسيم 19 ۽ نسيم شاهه 17 رنز اسڪور ڪري ٽيم جي ڪاميابي  ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.  ملتان سلطانز جي بالرن ۾ افتخار احمد ۽ خوشدل شاهه 2_2 ۽ اساما مير ۽ ڊويڊ ولي 1_’1 وڪيٽ ورتي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔