رمضان المبارڪ ۾ عام واهپي وارين شين جون قيمتون وڌي ويون

اسلام آباد: رمضان المبارڪ ۾ ملڪ ۾ عام وارين شين جون قيمتون آسمان سان ڳالهيون  ڪرڻ لڳيون جنهن سبب خريدار مايوس ٿي واپس موٽڻ تي مجبور ٿي ويا شهري سخت پريشان آهن ته اهڙي رڪارڊ مهانگائي ۾ ڇا آڻيون ۽ ڇا کايون.

مهانگائي سبب ڀاڄيون، داليون، گوشت، فروٽ  سڀ ڪجهه رڪارڊ مهانگو ٿيڻ کان پوءِ غريب جي پهچ کان پري ٿي ويو آهي. لاهور ۾ بصر 200 روپيه، ٽماٽو115 روپيه، ادرڪ ۽ ٿوم 600 روپيه ڪلو وڪرو ٿي رهيا آهن. ڪيلا ۽ زيتون 190 جڏهن ته ڇانهي 200 روپيه ڪلو وڪرو ٿي رهي آهي

ملتان جي رهواسين ڏوراپو ڏيندي چيو آهي ته سستي بازار ۾   ضرورت جون شيون، اٽو، کنڊ ۽ گيهه ته موجود ئي نه آهي. ڊگهين قطارن ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ  بيهڻ کان پوءِ خبر پوي ٿي ته سبسڊي سڀني جي لاءِ نه آهي.

اسلام آباد ۾ بصر 260 روپيه ۽ ٽماٽا 110 روپيه ڪلو وڪرو ٿي رهيا آهن. ڪوئٽه ۾ ٻڪري ۽ ڳئون جو گوشت ۽ مختلف ڀاڄين جي قيمتن ۾ رڪارڊ اضافو ڏٺو ويو آهي. ڪراچي وارن کي ريٽ لسٽ موجب شيون نه ملڻ جون شڪايتون آهن. عيد جي لاءِ نون ڪپڙن جي خريداري لاءِ قيمتن جو سوچي ئي شهري تمام گهڻو پريشان ٿي ويا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔