يو اين جو اسرائيل کي تيل ڏيندڙ ڪمپنين تي پابندين جو مطالبو

نيويارڪ: عالمي سطح تي امن ۽ سيڪيورٽي کي يقيني بنائيندڙ اداري گڏيل قومن جي ٻن نمائندن تيل جي 3 عالمي ڪمپنين کان مطالبو ڪيو آهي ته غزه جنگ جي دوران اسرائيلي فوج کي تيل سپلائي بند ڪري ڇڏين.پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري جي رپورٽ موجب خوراڪ جي حق بابت گڏيل قومن جي خصوصي نمائندي مائيڪل فخري ريسرچ به پيش ڪئي آهي. مائيڪل فخري موجب آمريڪا، برازيل، روس، آذربائيجان ۽ قازقستان جي ذريعي اسرائيلي فوج کي تيل ڏنو پيو وڃي. اسرائيلي فوج کي تيل سپلائي ڪرڻ غزه ۾ نسل ڪشي ۾ ملوث هجڻ جيان آهي.گڏيل قومن جي نمائندي مائيڪل فخري چيو ته اسرائيلي فوج کي تيل ڏيندڙ ڪمپنين تي معاشي پابنديون لڳڻ گهرجن. مناسب رهائش جي حق بابت خصوصي نمائندي يو اين، بالا ڪرشن، راجا گوپال ٽن تيل ڪمپنين کي تنبيهه ڪندي چيو ته انهن 3 تيل ڪمپنين کي اهو ڪم روڪڻ گهرجي ٻئي صورت ۾ کين نتيجن لاءِ تيار رهڻ گهرجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔