48 سينيٽ سيٽن لاءِ 139 اميدوارن ۾ مقابلو، نون ليگ کي ڌچڪو

اسلام آباد: چئني صوبن ۽ اسلام آباد جي 48 سينيٽ جي سيٽن لاءِ چونڊ 2 اپريل تي ٿيندي جنهن ۾ 139 اميدوار حصو وٺي رهيا آهن. سڀ کان وڌيڪ خيبرپختونخوا ۾ 11 سيٽن لاءِ 42 اميدوار ميدان ۾ آهن. ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان اسمبليون هر هڪ 11 سينٽر چونڊينديون جڏهن ته سنڌ ۽ پنجاب اسمبليون هر هڪ 12 سينيٽر چونڊينديون. جڏهن ته قومي اسمبلي ۾ ٻن سينيٽرن جي چونڊ ٿيندي. اسلام آباد جي ٻن سيٽن، هڪ جنرل ۽ هڪ ٽيڪنوڪريٽ لاءِ مسلم ليگ جو اسحاق ڊار ۽ پيپلز پارٽي جو ملتان سان تعلق رکندڙ رانا محمود الحسن ميدان ۾ آهن. رانا محمود الحسن اڳ ۾ مسلم ليگ (ن) ۾ هو ۽ سندن ٽڪيٽ تي ايم اين اي به رهيو پر هاڻي پي پي ۾ آهي. هنکي يوسف رصا گيلاني جي فرمائش تي ٽڪيٽ ملي آهي ۽ پيپلز پارٽي پنهنجي جنرل سيڪريٽري سيد نيئر حسين بخاري کي نظر انداز ڪيو آهي. قومي اسمبلي ۾ 88 ميمبرن هوندي به سني اتحاد ڪائونسل يعني پي ٽي آءِ کي هڪ سيٽ به نه ملندي پر پوءِ به . ايس آءِ سي ٻن سيٽن تي فرزند شاهه ۽ انصار گيلاني کي اميدوار بيهاريو آهي.
پنجاب اسمبلي
صوبي جي 12 سينيٽ سيٽن لاءِ 22 اميدوار آهن جن ۾ اڪثريت مسلم ليگ (ن) ۽ آزاد ميمبرن جي آهي. پهريون ڀيرو مسلم ليگ (ن) جي قيادت سينيٽ لاءِ نه درخواستون گهرايون ۽ نه وري پارلياماني بورڊ ٺاهيو آهي. ڇو ته اقتدار جي اصل ڌڻين جي فرمائش تي وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب، مصطفيٰ رمدي (سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس خليل الرحمان رمدي جو پٽ) ۽ احد چيما آزاد حيثيت ۾ فارم جمع ڪرايا آهن. پارٽي قيادت هنن کي ووٽ ڏيڻ جي هدايت به ڪئي آهي. مسلم ليگ (ن) اندورني اختلافن جو شڪار آهي ۽ ڪيترائي اڳوان ناراض آهن. بظاهر نواز شريف جي گرفت ڪمزور ۽ شهباز شريف جي مضبوط نظر اچي پئي. ڇو ته راڻا ثناءَ الله، جاويد لطيف، خواجا سعد رفيق ۽ خرم دستگير، جيڪي نواز شريف جا نتهائي ويجها سمجهيا ويندا آهن تن کي ٽڪيٽ ناهي ڏني وئي. البته نواز شريف جو جيالو پرويز رشيد، جنهن کي 3 سال اڳ مختلف سببن جي ڪري آئوٽ ڪيو ويو هو، انکي ٽڪيٽ ملي آهي. انوشه رحمان عورتن جي سيٽ ۽ انساني حقن واري وزير طاهر خليل سنڌو اقليت جي سيٽ لاءِ فارم ڀرايا آهن. پارٽي جي هدايت تي طلال چوڌري ۽ مصدق ملڪ به فارم ڀرايا آهن. پي ٽي آءِ پاران حامد خان ۽ ذلفي بخاري جنرل سيٽن لاءِ ۽ عمر سرفراز چيما ٽيڪنو ڪريٽ لاءِ فارم ڀرايو آهي، ڪرنل (ر) اعجاز منهاس ڪورنگ اميدوار آهي.
سنڌ اسمبلي
صوبي جي 12 سيٽن مان7 جنرل، 2 عورتون، 2 ٽيڪنوڪريٽ ۽ هڪ اقليت جي سيٽ آهي ۽ مختلف جماعتن جا 35 اميدوار ميدان ۾ آهن. جنرل سيٽن لاءِ 21، ٽيڪنوڪريٽ لاءِ 5، عورتن لاءِ 6 ۽ اقليت لاءِ 3 اميدوار ميدان ۾ آهن. فيصل واوڊا ايم ڪيو ايم جي تجويز ۽ تائيد ڪندڙن اميدوارن جي صحيحن سان فارم جمع ڪرايو آهي پر پارتي ۾ شامل ناهي ٿيو. سنڌ ۾ جنرل سيٽن لاءِ نجيب هارون، محمد ابوبڪر، عبدالرئوف صديقي، شبير قائمخاني، فيصل واوڊا، عامر چشتي، همايون سلطان، اشرف جتوئي، سيد منصور احسن، سرفراز راڄڙر، نديم ڀٽو، جاويد احمد ناياب، دوست علي جيسر، علي خان اسران، مختيار احمد ڌمرحاڻي، علي طاهر، مير راجا خان جکراڻي، شهباز ظهير ۽ نگهت مرزا جنرل سيٽن لاءِ فارم ڀرايا آهن. ٽيڪنوڪريٽ ۽ علما جي سيٽن تي ايڊووڪيٽ ضمير حسين گهمرو ۽ اي پي اين ايس وارو سرمد علي پي پي جا اميدوار آهن، ڪريم احمد خواجه، منظور ڀٽي ۽ عبدالوهاب نامزد اميدوار آهن. عورتن جي ڪيٽيگري لاءِ قرة العين مري، روبينا قائمخاني، ياسمين داد ڀائي، مسرت نذير نيازي، سبينا پروين ۽ مهجبين رياض نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا آهن. پونجو ڀيل، ساڌومل سريندر والاسائي ۽ ڀگوان داس رڳو غير مسلمن لاءِ مخصوص سيٽ لاءِ فارم ڀريا آهن.
ڪي پي ڪي اسمبلي
صوبي 7 جنرل، 2 عورتن ۽ 2 ٽيڪنوڪريٽ جي سيٽن لاءِ 42 اميدوار ميدان ۾ آهن، جن مان 7 جنرل سيٽن لاءِ 25، عورتن لاءِ 7 ۽ ٽيڪنوڪريٽ لاءِ 10 اميدوارن فارم ڀريا آهن. مراد سعيد ۽ اعظم سواتي جيڪي جيل م آهن، انهن جا فارم رد ٿي ويا آهن.پي ٽي آءَ جي اڳواڻ جيڪي نالا منظور ڪيا هئا انهن ۾ مراد سعيد، فيصل جاويد خان، مرزا آفريدي، عرفان سليم ۽ خرم ذيشان پارٽي جا جنرل سيٽن لاءِ اميدوار هوندا، جڏهن ته اظهر مشواڻي مراد سعيد جو ڪورنگ اميدوار هوندو. ٽيڪنو ڪريٽ جي سيٽن تي اعظم سواتي ۽ ارشاد حسين اميدوار آهن، جڏهن ته عورتن جي سيٽن تي عائشه بانو ۽ روبينا ناز اميدوار آهن.
بلوچستان اسمبلي
صوبي جي 11 سيٽن مان 7 جنرل 2 عورتن ۽ 2 ٽيڪنوڪريٽ جون سيٽون آهن. جن لاءِ اڳوڻي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جو آزاد حيثيت ۾ دنيش ڪمار فارم ڀرايو آهي. عوامي نيشنل پارٽي جو سربراهه ايمل ولي خان پي پي پي ۽ اتحادين جو گڏيل اميدوار آهي. جان محمد بليدي، راحيله دراني، امان الله ڪنراڻي، سعيد الحسن مندوخيل، مير چنگيز جمالي، مولانا عبدالواسع، ڪودا بابر ۽ مولانا عبدالحق هاشمي به نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔