رستن تي ڪيمرائون لڳائڻ جو ڪم هلندڙ مهيني ۾ مڪمل ڪيو وڃي: آءِ جي سنڌ

ڪراچي: آءِ جي سنڌ رفعت مختار چيو آهي ته شهرن ۾ داخل ٿيڻ ۽ ٻاهر نڪرڻ وارن رستن تي جديد ڪيمرائون لڳائڻ جو ڪم هلندڙ مهيني ۾ مڪمل ڪيو وڃي.

آءِ جي سنڌ رفعت مختار راجا جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ سنڌ سمارٽ سرويلنس سسٽم پروجيڪٽ تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو.

آءِ جي سنڌ رفعت مختار راجا چيو ته سنڌ سمارٽ سرويلنس سسٽم جي ذريعي گاڏين جي سڃاڻپ کي ممڪن بڻائي  سگهبو.

آءِ جي سنڌ ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر ۾ قائم ايس 4 منصوبي جو دورو به ڪيو، هن هدايتون ڪيون ته جمعي جي موقعي تي سڪيورٽي قدمن کي غير معمولي بڻايو وڃي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔