نيوزي لينڊ کي شڪست،آسٽريا چيمپئن شپ ۾ ٻئي پوزيشن حاصل

ڪرائسٽ چرچ: آسٽريليا ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ نيوزيلينڊ کي 3 وڪيٽن تان شڪست ڏئي آءِ سي سي ٽيسٽ چيمپيئن شپ ۾ ٻي پوزيشن حاصل ڪري ورتي.ڪرائسٽ چرچ ۾ کيڏيل ٻئي ٽيسٽ ۾ آسٽريليا 7 وڪيٽن جي نقصان تي 279 رنسن جو هدف حاصل ڪيو، هدف جي تعاقب ۾ آسٽريليا جون 5 وڪيٽون 80 رنسن تي ڪري پيون.جڏهن ته ايلڪس ڪيري 98 رنسن جي ناقابل شڪست اننگز کيڏي آسٽريليا کي فتح ڏياري جڏهن ته مچل مارش به 80 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو، ڪپتان پيٽ ڪمنز 32 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.آسٽريليا نيوزيلينڊ کي ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ ٻه صفر تان شڪست ڏئي ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔