غزه شهر تي اسرائيلي حملو، 10 فلسطيني شهيد

غزه: غزه تي اسرائيلي ظلم جو سلسلو جاري آهي ۽ غزه شهر ۾ اسرائيلي حملي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت وڌيڪ 10 فلسطيني شهيد ٿي ويا.اسرائيلي فوج 24 ڪلاڪن دوران 100 جي لڳ ڀڳ فلسطينين کي وحشياڻي حملن ۾ شهيد ڪري ڇڏيو.ڏکڻ غزه ۾ فلسطيني مزاحمت اسرائيلي فوج پاران استعمال ڪيل عمارت کي تباهه ڪري ڇڏيو.ٻئي طرف والاريل بيت المقدس ۾ قابض فوج سوين فلسطينين کي مسجد اقصيٰ ۾ داخل ٿيڻ کان روڪي ڇڏيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔