محمود خان اچڪزئي جي صدارتي چونڊون رد ڪرڻ واري درخواست رد

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن صدارتي چونڊون ملتوي ڪرڻ جي محمود خان اچڪزئي جي درخواست کي رد ڪري ڇڏيو آهي.

صدارتي چونڊن جي التوا جي استدعا تي اليڪشن ڪميشن طرفان محمود خان اچڪزئي جي درخواست تي لکت ۾ فيصلو جاري ڪيو ويو آهي. اليڪشن ڪميشن جي لکت واري فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته درخواستگذار نامزدگي ڪاغذن جي جانچ پڙتال جي دوران اليڪٽول ڪاليج تي ڪوبه اعتراض ناهي اٿاريو. صدارتي چونڊن جي لاءِ اليڪٽورل ڪالج مڪمل طور تي فعال آهي.

اليڪشن ڪميشن پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته قومي ۽ صوبائي اسيمبلين وزيراعظم ۽ وڏي وزير کي چونڊ ڪيو آهي.

ياد رهي ته اپوزيشن پارٽين جي حمايت يافته اميدوار محمود خان اچڪزئي صدارتي چونڊون التوا جي درخواست داخل ڪئي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔