ارڙهين آئيني ترميم پارليامينٽ ڪئي هئي، اسان صرف تجويز ڏني هئي: آصف زرداري

اسلام آباد: آصف علي زرداري چيو ته ارڙهين آئيني ترميم جي منظوري سميت سمورا قدم پارليامينٽ کنيا هئا، ارڙهين آئيني ترميم ۽ وفاق کي مضبوط قدم کڻڻ جي اسان سفارش ڪئي هئي، آئينده به سمورا قدم پارليامينٽ ئي کڻندي

صدارتي اميدوار آصف علي زرداري پارليامينٽ آمد وقت مختصر ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته 18هين آئيني ترميم پارليامينٽ ڪئيهئي، اسان صرف تيجوز ڏني هئي، پهريان به جيڪو ڪجهه ٿيو پارليامينٽ ڪيو، هاڻ به پارليامينٽ ڪندي

آصف علي زرداري گيلري ۾ موجود ڌيئرن آصفه ڀٽو، بختاور ۽ ناٺي کي ڳلي لڳايو ۽ پيار ڪيو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔