صدر پاڪستان جي چونڊ لاءِ قومي ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ ووٽنگ جاري

ملڪ جو نئون صدر آصف علي زرداري يا محمود خان اچڪزئي؟ نئين صدر جي چونڊ لاءِ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۽ چئني صوبائي اسيمبليز ۾ پولنگ جاري آهي

 شيري رحمان آصف علي زرداري جي پولنگ ايجنٽ ۽ سينيٽر شفيق ترين محمود خان اچڪزئي جو پولنگ ايجنٽ مقرر آهي

 سنڌ، پنجاب، بلوچستان ۽ خيبر پختونخواهه اسيمبليز ۾ به ووٽنگ جاري آهي، صبح 10 وڳي کان شروع ٿيل پولنگ جو عمل شام 4 وڳي تائين جاري رهندو

آصف علي زرداري، وزيراعظم شهباز شريف، بلاول ڀٽو زرداري، اسحاق ڊار ۽ ٻين پنهنجا ووٽ ڪاسٽ ڪري ورتا

بلاول ڀٽو زرداري پنهنجين ڀينرن بختاور ۽ آصفه سان گڏ پارليامينٽ هائوس پهتو، صدارتي اميدوار آصف علي زرداري مهمانن واري گيلري ۾ وڃي آصفه، بختاور ۽ پنهنجي ناٺي چوڌري محمود سان مليو ۽ کين پيار ڪيو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔