هاڻوڪين عام چونڊن ۾ شفافيت گذريل ٻن چونڊن کان گهٽ رهي: پلڊاٽ

اسلام آباد: پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ليجسليٽو ڊويلپمينٽ اينڊ ٽرانسپيرنسي (پلڊاٽ) پنهنجي جائزي رپورٽ ۾ چيو آهي ته 2024 جي عام چونڊن ۾ شفافيت جو اسڪور گذريل ٻن چونڊن جي ڀيٽ ۾ گهٽ ترين رهيو.رپورٽ موجب عام چونڊن ۾ مجموعي طور تي شفافيت جو اسڪور 49 سيڪڙو رهيو، جيڪو 2018 جي عام چونڊن جي حاصل ڪيل اسڪور کان 3 سيڪڙو پوائنٽون گهٽ آهي، واضح رهي ته 2013 ۽ 2018 جي عام چونڊن ۾ شفافيت جو اسڪور ترتيب وار 57 ۽ 52 سيڪڙو هو.پلڊاپ موجب 2013 کانپوءِ ان اسڪور ۾ مسلسل گهٽائي پاڪستان ۾ جمهوري عمل ڪمزور هجڻ جي علامت آهي ۽ چونڊ نظام ۾ عوام جو اعتماد بحال ڪرڻ جي تڪڙين ضرورتن کي ظاهر ڪري ٿو. رپورٽ ۾ انهن مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ پلڊاٽ سڄي چونڊ عمل ۾ شفافيت ۽ احتساب جا قدم وڌائڻ جي سفارش ڪئي آهي، گڏوگڏ اليڪشن ڪميشن کان مطالبو ڪيو آهي ته نتيجا جوڙڻ، انهن جي پهچ ۽ انضمام جي حوالي سان 2024 جي عام چونڊن دوران ٿيندڙ دير ۽ خامين جي مڪمل جاچ ڪئي وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔