ٽرمپ جي مقبوليت ۾ واڌ، ڇا بائيڊن ٻيهر صدر ٿيندو؟ سروي جاري

واشنگٽن: آمريڪا ۾ صدارتي چونڊن کان اڳ صدارتي چونڊن جي ڊوڙ ۾ شامل اميدوارن جي عوامي مقبوليت جي حوالي سان هڪ نئون سروي جاري ڪيو ويو آهي. آمريڪي ميگزين نيويارڪ ٽائمز پاران جاري ڪيل سروي موجب صدارتي چونڊ ۾ حصو وٺندڙ اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي مقبوليت جو گراف تيزي سان وڌڻ لڳو آهي.سروي موجب 48 سيڪڙو ووٽر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ 43 سيڪڙو جو بائيڊن کي ووٽ ڏيڻ جي حق ۾ آهن.سروي موجب ڊيموڪريٽس جو هڪ وڏو انگ بائيڊن جي ڪارڪردگيءَ کان به مايوس آهي ۽ هو بائيڊن بدران ڪنهن ٻئي کي صدارتي اميدوار طور ڏسڻ چاهي ٿو.واضح رهي ته آمريڪا ۾ صدارتي چونڊون هلندڙ سال نومبر ۾ ٿينديون، جڏهن ته چيو پيو وڃي ته آمريڪي صدر جو بائيڊن لاءِ ڊونلڊ ٽرمپ جي ٻوڏ کي روڪڻ هڪ چئلينج هوندو.آمريڪا جي راڄڌاني واشنگٽن ڊي سي ۾ ڀارتي سفارتخاني اڳيان سکن احتجاج ڪيو ۽ مودي حڪومت کي هارين جو قاتل قرار ڏنو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔