سپريم ڪورٽ پاران مارڪيٽ ۽ شاپنگ مالز کولڻ جو حڪم

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ سڄي ملڪ ۾ ننڍيون مارڪيٽون ڇنڇر ۽ آچر تي به کولي رکڻ ۽ شاپنگ مالز به کولڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. چيف جسٽس پاڪستان جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 5 رڪني بينچ ڪروونا وائرس پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي ان سلسلي ۾ ايڊيشنل اٽارني جنرل، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ۽ ڪمشنر ڪراچي سميت ٻيون اختياريون عدالت ۾ پيش ٿيون. ٻڌڻي جي شروعات تي ڪمشنر ڪراچي عدالت کي ٻڌايو ته ڪجهه مارڪيٽن کي ايس او پيز تي عمل نه ڪرڻ سبب سيل ڪيو ويو آهي. ان تي چيف جسٽس سنڌ جي ايڊووڪيٽ جنرل ۽ ڪمشنر ڪراچي کي هدايت ڏني ته ننڍن دڪاندارن کي ڪم ڪرڻ کان نه روڪيو، اوهان جيڪڏهن دڪانون بند ڪندو ته دڪاندار ڪورونا جي بجاءِ بک سبب مري ويندا. سيل ڪيل مارڪيٽن کي به کوليو ۽ انهن کي ڊيڄارڻ جي بجاءِ سمجهايو. چيف جسٽس سوال ڪيو ته ڪراچي ۾ 5 وڏن مالز کان علاوه ڇا سموريون مارڪيٽون کليل آهن؟ جيڪڏهن سموريون مارڪيٽون کليل آهن ته شاپنگ مال ڇو بند ڪري ڇڏيا آهن. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته اسان کي اهو منطق ٻڌايو وڃي، ڇا وبا حڪومت سان واعدو ڪيو آهي ته اها ڇنڇر ۽ آچر تي نه ايندي. ڇا حڪومتون ڇنڇر آچر تي ٿڪجي وينديون آهن. ڇا ڇنڇر، آچر تي سج مغرب کان نڪرندو آهي. اسان لکت ۾ حڪم ڏيون ٿا ته ڇنڇر ۽ آچر تي سموريون ننڍيون مارڪيٽون به کوليون وڃن. جسٽس گلزار احمد چيو ته عيد تي رش وڌي ويندي آهي. ڇنڇر ۽ آچر تي به مارڪيٽون بند نه ڪرايون وڃن. اوهان نوان ڪپڙا نٿا پائڻ چاهيو پر ٻيا وٺڻ چاهين ٿا. ڪيترن ئي گهرن جا رهواسي صرف عيد تي ئي نوان ڪپڙا پائيندا آهن. ان موقعي تي عدالت پورو هفتو سڄي ملڪ جون ننڍيون مارڪيٽون کولڻ جو حڪم ڏنو جڏهن ته عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو ته ايس او پيز موجب شام 5 وڳي سموريون مارڪيٽون

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔