قطر ۾ ماسڪ نه پائڻ تي 3 سال قيد ۽ 55 هزار آمريڪي ڊالر ڏنڊ

قطر: قطر ۾ ماسڪ نه پائڻ تي 3 سال قيد ۽ 55 هزار آمريڪي ڊالر ڏنڊ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ڪورونا وائرس جي پکيڙ کي روڪڻ جي لاءِ مختلف ملڪن ۾ ڪيل لاڪ ڊائون ۾ نرمي ڪئي پئي وڃي پر عوام کي احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ جو به چيو پيو وڃي.قطر ۾ هن وقت ڪورونا ڪيسن جو انگ 30 هزار آهي جڏهن ته 15 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن. عرب ملڪ ڪورونا جي ڪيسن کي وڌڻ کان روڪڻ جي لاءِ حفاظتي قدمن جي طور تي گهر مان نڪرڻ جي لاءِ ماسڪ پائڻ کي لازمي قرار ڏئي ڇڏيو آهي.اختيارين موجب گهر مان ڪنهن به ڪم جي لاءِ نڪرڻ جي لاءِ ماسڪ پائڻ ضروري هوندو. سواءِ ان ماڻهن جي جيڪي پنهنجي گاڏين ۾ اڪيلا سفر ڪري رهيا آهن. قطري اختيارين موجب ماسڪ نه پائيندڙ مٿان 55 هزار آمريڪي ڊالر ڏنڊ يا 3 سال قيد ڪرڻ جي سزا هوندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔