سڄي سنڌ ۾ 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 3 مريض فوت

ڪراچي : سڄي سنڌ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا وائرس جا 3 مريض فوت ٿي ويا آهن، سنڌ جي وڏي وزير جاري وڊيو بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 864 نوان ڪيس سامهون آيا آهن، سنڌ ۾ مريضن جو انگ 17 هزار 241 ٿي ويو آهي، هن وقت تائين سنڌ ۾ 280 مريض ڪورونا سبب فوت ٿي ويا آهن، وڏي وزير وڌيڪ چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 864 ڪورونا جا نوان ڪيس سامهون آيا آهن، ڪورونا جا وڌيڪ 3 مريض فوت ٿي ويا آهن، سيد مراد علي شاهه چيو ته 136 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، 4679 ڪورونا جون ٽيسٽون ٿيون، جن مان 864 نوان مريض ظاهر ٿيا آهن، هن چيو ته هن وقت تائين 127573 ٽيسٽ ڪيا ويا، جن مان 17241 مريض سامهون آيا آهن، مجموعي طور تي فوتين جو انگ 280 ٿي ويو آهي، هن وقت 12472 مريض علاج هيٺ آهن، 11095 گهرن ۾، 815 مرڪزن ۾ ۽ 562 اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن، 136 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، جن مان 29 وينٽي ليٽرز تي آهن، اڄ 280 وڌيڪ مريض صحتياب ٿي نارمل زندگي ڏانهن واپس ٿيا آهن، صحتياب ٿيندڙن جو انگ 4489 ٿي ويو آهي، 864 ڪيسز مان 657 نون ڪيسز جو تعلق ڪراچي سان آهي. گهوٽڪي ۾ 31، جيڪب آباد ۾ 30 ۽ لاڙڪاڻي ۾ 21 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن، سکر ۾ 17، شڪارپور ۽ قمبر، شهدادڪوٽ ۾ 7.7 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، ٺٽي ۽ ڪشمور، ڪنڌڪوٽ ۾ 5.5 ڪيس سامهون آيا آهن، اسان کي ڪورونا سان گڏ رهڻ لاءِ احتياطي تدبيرون سکڻيون پونديون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔