کنڊ جاچ ڪميشن جي رپورٽ مڪمل ڪرڻ لاءِ 4 ڏينهن جي مهلت

اسلام آباد: وفاقي حڪومت کنڊ جاچ ڪميشن جي رپورٽ مڪمل ڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ 4 ڏينهن جي مهلت ڏئي ڇڏي آهي.سرڪاري ذريعن موجب کنڊ جاچ ڪميشن جي رپورٽ تيار آهي پر ان کي ترتيبوار ڪرڻ جي لاءِ 4 ڏينهن ڏنا ويا آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته شوگرملز جي فرانزڪ آڊٽ جي تڪميل کان پوءِ رپورٽ جوڙڻ جو ڪم جاري آهي.ياد رهي ته وفاقي جاچ ايجنسي(ايف آءِ اي) جي جاچ رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو هو ته ملڪ ۾ کنڊ بحران جو سڀني کان وڌيڪ فائدو حڪمران پارٽي جي اهم اڳواڻ جهانگير ترين کنيو، ٻئي نمبر تي وفاقي وزير خسرو بختيار جي ڀاءُ ۽ ٽئين نمبر تي حڪمران اتحاد ۾ شامل مونس الاهي جي ڪمپنين فائدو کنيو.ان حوالي سان وزيراعظم عمران خان جو چوڻ هو ته مان اعليٰ سطح جي ڪميشن طرفان مفصل فرانزڪ آڊٽ جو انتظار ڪري رهيو آهيان جيڪو 25 تائين تائين ڪيو ويندو پر ان کان پوءِ ڪميشن کي رپورٽ پيش ڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ 3 هفتن جي مهلت ڏني وئي هئي جنهن کان پوِءِ رپورٽ کي 16 مئي تي پيش ڪرڻو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔