اين ڊي ايم اي امداد جا تفصيل سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا

اسلام آباد: نيشنل ڊيزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي(اين ڊي ايم اي) پاڪستان جي حڪومت ۽ مختلف ادارن طرفان ملندڙ امداد جا تفصيل سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن.اين ڊي ايم اي طرفان سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل 123 صفحن تي ٻڌل رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته وزيراعظم اداري جي لاءِ 25 ارب 30 ڪروڙ روپيه مقرر ڪيا. صحت واري وزارت طرفان 50 ارب روپيه مختص ڪيا جيڪي اڃان تائين جاري ناهن ڪيا ويا.رپورٽ موجب ايشين ڊولپمينٽ بينڪ طرفان اين ڊي ايم اي کي 8 ارب روپيه ملندا جڏهن ته چين جي حڪومت طرفان 64 ڪروڙ روپين جي امداد ڏني وئي. اين ڊي ايم اي جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته امداد صرف سامان جي صورت ۾ وصول ڪئي ويندي آهي روڪ رقم جي صورت ۾ نه. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اين ڊي ايم اي امداد جي آڊٽ ڪرائڻ جي لاءِ آڊيٽر جنرل آف پاڪستان کان درخواست ڪري چڪا آهن. بارڊرز تي قرنطينه مرڪز جي حوالي سان تفصيل به اين ڊي ايم اي جي رپورٽ ۾ شامل آهن.رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته تفتان تي 1300 ماڻهو، چمن ۾ 900، طورخم تي 200 ماڻهن کي قرنطينه مرڪز ۾ رکڻ جي گنجائش آهي. طورخم تي قرنطينه مرڪز جي لاءِ 300 ڪمرا تعمير ڪيا ويا آهن. جڏهن ته 1200 اضافي ڪمرن کي تعمير ڪرڻ جا انتظام به ڪيا ويا آهن.
ان کان علاوه تفتان ۾ 600 مان 202 ڪمرا تعمير جي ويجهو آهن. لوڪل ملٽري اٿارٽي موجب وڌيڪ ڪمرن جي ضرورت ناهي. رپورٽ موجب لوڪل ملٽري اٿارٽي ٽينٽ وليج جي صورت ۾ 1300 ڪمرن جي سهوليت فراهم ڪئي آهي. جڏهن ته پاڪستان ريلويز به 2 ٽرينون بطور قرنطينه لاءِ مقرر ڪري ڇڏيون آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔