آرمي چيف جي بلاول ڀٽو سان خوشگوار موڊ ۾ ملاقات

اسلام آباد: آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪئي.

ايوان صدر اسلام آباد ۾ ملڪ جي 24هين وزيراعظم شهباز شريف جي حلف برداري تقريب ٿي جنهن ۾ نگران وزيراعظم، چيئرمين سينيٽ، قومي اسمبلي جي اسپيڪر،(ن) ليگ جي اڳواڻ نوازشريف، آصف زرداري، چئني صوبن جي گورنرز، چئني صوبن جي وڏن وزيرن سميت اعليٰ عسڪري ۽ سول قيادت شرڪت ڪئي

آرمي چيف به تقريب ۾ شرڪت ڪئي ۽ ان جي پهچڻ تي پاڪستان زنده باد جا نعرا لڳايا ويا. آرمي چيف بلاول ڀٽو رداري سان هٿ ملايو  جنهن دوران ٻنهي وچ ۾ مسڪراهٽن جي ڏي وٺ به ٿي. آرمي چيف هڪ هٿ سان بلاول جو هٿ جهليو  جڏهن ته سندس ٻئي هٿ ۾ ڪمانڊ اسٽڪ هئي.

ان موقعي تي صدر جي عهدي لاءِ پاڪستان پيپلز پارٽي جو نامزد اميدوار آصف علي زرداري به  کلندي نظر اچي رهيو آهي. تقريب ۾ بلاول مريم نواز کان ان جي طبيعت پڇا ڪئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔