نئين چونڊيل وزيراعظم شهباز شريف عهدي جو حلف کڻي ورتو

نئين چونڊيل وزيراعظم شهباز شريف عهدي جو حلف کڻي ورتو، صدر ڊاڪٽر عارف علوي ايوان صدر ۾ شهباز شريف کي عهدي جو حلف کڻايو

حلف برداري تقريب ۾ ميان نواز شريف، آصف علي زرداري، آرمي چيف جنرل عاصم منير ۽ ٻين جي شرڪت، سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان جا وڏا وزير به حلف برداري تقريب ۾ شريڪ ٿيا

 خيبر پختونخواهه جو نئون وڏو وزير علي امين گنڊاپور وزيراعظم جي حلف برداري تقريب ۾ شريڪ نه ٿيو، نئين وزيراعظم شهباز شريف کي پي ايم هائوس پهچڻ تي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔