چيني صدر جي شهباز شريف کي وزيراعظم چونڊجڻ تي مبارڪباد

اسلام آباد: چيني صدر شي جن پنگ شهباز شريف کي پاڪستان جو وزيراعظم چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني آهي.

چين جي سرڪاري نيوز ايجنسي موجب چيني صدر پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته هو سمجهي ٿو ته شهباز شريف ۽ پاڪستان جي نئين حڪومت جي قيادت ۾ سمورا شعبا زندگي جي گڏيل ڪاوشن سان قومي ترقي جي سفر ۾ نيون ڪاميابيون حاصل ڪندو.

چيني صدر زور ڏنو ته چين ۽ پاڪستان کي پنهنجي روايتي دوستي کي برقرار رکڻ گهرجي ۽ سمورن شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ گهرجي. چيني صدر ٻنهي ملڪن وچ ۾ اسٽريٽجڪ ڀائيواري کي وڌيڪ گهرو بنائڻ تي به زور ڏنو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔