هڪ ٽولو اڃا تائين ملڪ، فوج ۽ ادارن خلاف زهر اوڳاڇي رهيو آهي: شهباز شريف

نئين چونڊيل وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته 9 مئي تي ملڪ خلاف سازش ڪئي وئي، اسان اها سازش ناڪام بڻائي، هڪ ٽولو اڃا تائين ملڪ، فوج ۽ ادارن خلاف زهر اوڳاڇي رهيو آهي

 ايوان ۾ خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته رياست کي بچائڻ لاءِ اسان سياست کي قربان ڪري ڇڏيو،  ملڪ جي  تباهه ٿيل معيشت کي پيرن تي بيهاريو

هن چيو ته نواز شريف جي قيادت ۽ اتحادين سان گڏجي  هڪ ڀيرو ٻيهر ملڪ ۾ خوشحالي جو انقلاب آڻينداسين، گوڙ سان فرق نه پوندو

وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اسان سامهون وڏا چئلينجز آهن، بجلي مهانگي آهي، بجلي جون قيمتون گهٽائڻيون آهن، آصف علي زرداري، ميان نواز شريف، بلاول ڀٽو ۽ ٻين جو شڪريو ادا ڪريان ٿو

شهباز شريف چيو ته  تحريڪ انصاف جي بانيءَ پنهنجي اقتدار ۾ سموري اپوزيشن کي جيل ۾ وڌو، نواز شريف کي جلاوطنيءَ تي مجبور ڪيو ويو، نواز شريف جي حڪومتي دور ۾ملڪ مان لوڊشيڊنگ ختم ٿي، 20-20 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ نواز شريف جي حڪومتي دور ۾ ختم ٿي

هن چيو ته بينظير ڀٽو  جمهوريت، قانون ۽ انصاف لاءِ جان جو نذرانو  پيش ڪيو، پي ٽي آءِ پنهنجي 4 سالن جي حڪومتي دور ۾ اپوزيشن تي ظلم جا پهاڙ ڪيرايا،  رياست کي بچائڻ لاءِ اسان سياست کي قربان ڪري ڇڏيو

وزيراعظم وڌيڪ چيو ته ملڪ جي  تباهه ٿيل معيشت کي پيرن تي بيهاريو، نواز شريف جي قيادت ۽ اتحادين سان گڏجي هڪ ڀيرو ٻيهر ملڪ ۾ خوشحالي جو انقلاب آڻينداسين

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔