قومي اسيمبلي جي پهرين اجلاس جون تياريون مڪمل، 29 فيبروري تي نوان چونڊيل ميمبر حلف کڻندا

اسلام آباد: قومي اسيمبلي جي افتتاحي اجلاس جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. شيڊول موجب 29 فيبروري صبح جو 10 وڳي قومي اسيمبلي جا نوان چونڊيل ميمبر حلف کڻندا.

قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي اختيارين کان علاوه مسلم ليگ(ن) ۽ پيپلز پارٽي به 29 فيبروري تي اجلاس لاءِ مڪمل طور تي تياري ڪري ورتي آهي.

شيڊول موجب 29 فيبروري تي نوان چونڊيل قومي اسيمبلي ميمبر حلف کڻندا. اجلاس ۾ قومي اسيمبلي جو اسپيڪر راجا پرويز اشرف نون چونڊيل ميمبرن کان حلف وٺنندو. حلف کان پوءِ سمورا ميمبر رجسٽرڊ تي صحيحون به ڪندا.

قومي اسيمبلي ۾ پهريون مرحلو مڪمل ٿيڻ کان پوءِ ٻئي مرحلي ۾ پهرين مارچ تي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ٿيندا جنهن کان پوءِ ايندڙ ڏينهن 2 مارچ تي ڳجهي راءِ شماري ذريعي ايوان جي نئين اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ ٿيندي.

اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ کان پوءِ ٻئي مرحلي ۾ وزيراعظم جي چونڊ لاءِ نامزدگي ڪاغذ 4 مارچ تي جمع ڪرايا ويندا ۽ 4 مارچ تي قومي اسيمبلي  نئين وزيراعظم جي چونڊ ڪندي. ذريعن موجب اميد آهي ته 3 مارچ جي ڏينهن ئي وزيراعظم پنهنجي عهدي جو حلف کڻندو.

پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي نامزد اميدوار شهباز شريف کي ٻيون ڀيرو وزيراعظم بنجڻ لاءِ 169 ووٽن جي ضروت آهي. هن وقت مسلم ليگ(ن) ۽ اتحادين کي 200 کان وڌيڪ ميمبرن جي حمايت حاصل آهي.

هن وقت قومي اسيمبلي جو ايوان 366 ميمبرن تي ٻڌل آهي جن مان 266 سيٽن تي  ميمبرن کي چونڊيو ويندو. ياد رهي ته صدر عارف علوي 29 فيبروري تي قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ جي سمري رد ڪري واپس اماڻي ڇڏي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔