موسميات کاتي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ خميس ۽ جمعي تي تيز برسات جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي

ڪراچي:موسميات کاتي سنڌ ۾ خميس ۽ جمعي تي تيز هوائون هلڻ سان گڏ کنوڻ سان برسات جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي.

موسميات کاتي موجب سڀاڻي کان 2 مارچ جي دوران سنڌ جي مختلف شهرن ۾ تيز برسات جو امڪان آهي. جنهن دوران مختلف   علائقن ۾ تيز برسات سان گڏ ڳڙو به پئجي سگهي ٿو

موسميات کاتي موجب طاقتور مغربي هوائن جو سلسلو سڀاڻي کان ملڪ جي مغربي علائقن ۾ داخل ٿيندو اهو سلسلو جمعي تي ملڪ جي مختلف علائقن تائين پکڙجي ويندو ۽ ڇنڇر تائين موجود رهندو.

ٻئي طرف بلوچستان، اسلام آباد، پنجاب، خيبرپختونخواهه گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ برسات ۽ برفباري جو امڪان آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔