پهرين مارچ کان پيٽرول 4 روپيه مهانگو ٿيڻ جو امڪان

اسلام آباد: حڪومت بجلي کان پوءِ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ به واڌ جي تياري ڪري ورتي آهي.

ذريعن موجب پهرين مارچ کان پيٽروليم شين جون قيمتون وڌائڻ جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. پيٽرول ساڍا 4 روپيه جڏهن ته ڊيزل 2 روپيه 50 پئسا في ليٽر مهانگو ٿيڻ جو امڪان آهي.

ان کان علاوه گاسليٽ 2 روپيه 92 پئسا في ليٽر مهانگو ٿي سگهي ٿو. جڏهن ته لائٽ ڊيزل آئل جي قيمتن کي برقرار رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.

ذريعن ٻڌايو آهي ته اوگرا پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جي سمري 29 فبيروري تي پيٽروليم واري وزارت ڏانهن اماڻيندي. ناڻي وارو وزير وزيراعظم سان مشاورت کان پوءِ نئين قيمتن جو اعلان ڪندو. نيون قيمتون پهرين مارچ کان 15 مارچ تائين لاڳو  هونديون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔