اسرائيل پاران ويسٽ بئنڪ ۾ 3 هزار گهر تعمير ڪرڻ جو اعلان

يروشلم :ڪنگر ۾ وڌيڪ 3 هزار گهر ٺاهڻ جو اعلان ڪيو ويو.پرڏيهي ميڊيا موجب اسرائيل اولهه ڪناري ۾ يهودين جي نئين آبادي جي تڪراري منصوبي جو اعلان ڪيو آهي.آمريڪا اسرائيل جي تڪراري آبادڪاري منصوبي تي مايوسي جو اظهار ڪيو آهي.ٻئي طرف مرڪزي غزا ۾ اسرائيلي بمباري ۾ 40 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ۽ 100 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.7 آڪٽوبر کان وٺي اسرائيل جي وحشیانه حملن ۾ شهيد ٿيل فلسطينين جو انگ 29 هزار 550 ٿي ويو آهي.گڏيل قومن موجب غزه ۾ مارجي ويلن ۾ 90 سيڪڙو عورتون ۽ ٻارڙا آهن، جڏهن ته صحت جي عالمي اداري جو چوڻ آهي ته غزه ۾ تباهي ۽ صحت جي صورتحال خراب ٿيڻ سبب غزه موت جو مرڪز بڻجي ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔