پارليامينٽ مان اڳوڻن اسيمبلي ميمبرن کان رهائشگاهون خالي ڪرائڻ لاءِ آپريشن شروع

اسلام آباد:  نون قومي اسيمبلي ميمبرن کي رهائشگاهون ڏيڻ لاءِ اڳوڻن اسيمبلي ميمبرن کان پارليامينٽ لاجز کي خالي ڪرائڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن.

نوٽيس جو مدو پورو ٿيڻ کان پوءِ رضاڪارانه طور تي لاجز خالي نه ڪندڙ 8 اڳوڻن ميمبرن جي خلاف گذريل ڏينهن سي ڊي اي جي عملي آپريشن به ڪيو. آپريشن دوران اڳوڻي ايم اين اي منوره بيگم جي رهائشگاهه کي نوٽيفڪيشن لڳائي سيل ڪيو ويو آهي. هن لارج خالي ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. اها رهائشگاهه نئين ميمبر زبير خان کي الاٽ ڪئي وئي آهي.

ان کان علاوه اڳوڻي اسيمبلي ميمبر مولانا صلاح الدين ايوبي جي لارجز جو قبضو وٺي ان جو سامان ٻاهر رکيو ويو آهي اهو لارجز نئين چونڊيل اسيمبلي ميمبر صديق خان بلوچ کي الاٽ ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔